ڄيٺواڻي، هريڪانت

ڄيٺواڻي، هريڪانت

ڄيٺواڻي هريڪانت

ڄيٺواڻي، هريڪانت: برک شاعر، ناٽڪ ڪار، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هريڪانت جو پورو نالو هري روپچند ڄيٺواڻي هو. هن جو اباڻو ڳوٺ نوشهروفيروز (اڳوڻو ضلعو نوابشاهه) هو، پر هن ناناڻي شهر جيڪب آباد جي پاڙي غريب آباد ۾، ناناڻن جي گهر ۾، 5 سيپٽمر 1935ع تي جنم ورتو. کيس ست ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي ۽ هي ٻيو نمبر ٻار هو. پرائمريءَ تعليم ساماري، جيمس آباد، سانگهڙ، ڦلهڏين ۽ خيرپور ميرس ۾ ورتائين. سندس پيءُ روپچند ڄيٺواڻي جي نوڪريءَ جي بدلين ڪري هري ڪنهن
هڪ اسڪول ۾ ساندهه پڙهي نه سگهيو. پرائمريءَ کان مڊل تائين سندس اهو حال رهيو. هو خيرپور جي ناز هاءِ اسڪول ۽ نوشهري مدرسي اسڪول ۾ به هڪ هڪ سال پڙهيو. اوچتو ورهاڱو ٿيو ۽ 12 سالن جي ڄمار ۾ مائٽن سان گڏ هندستان جي شهر اجمير ۾ اچي رهيو. اجمير جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول فار سنڌيز نمبر 2 مان مئٽرڪ ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين. پڙهڻ جي شوق سبب هندي ساهتيه سميلن پرياگ مان ’ساهتيه رتن‘ به ڪري ورتائين. ايل. ايل. بي ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ ڪاليج اجمير ۾ داخلا ورتائين، پر هڪ سال بعد هو دهليءَ هليو آيو، جتي دهلي يونيورسٽيءَ جي پوسٽ گرئجوئيٽ انسٽيٽيوٽ ۾ فلاسافي ۽ سائڪالاجي کڻي ايم. اي ۾ داخلا ورتائين، پر گهرو سببن جي ڪري امتحان ۾ ڪو نه ويٺو. پڙهائيءَ دوران نوڪري به ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ اجمير ميرواڙا رياست ۾ هو، هو سيڪريٽريٽ جي تعلقات عامه شعبي ۾ ترجمان Translater) مقرر ٿيو. سنڌي اخبارن جون خبرون ۽ ايڊيٽوريل هندي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو هو ۽ فائيل وڏي وزير، چيف سيڪريٽريءَ ۽ اطلاعات کاتي کي موڪليندو هو. اوچتو نوڪري ڇڏي دهليءَ هليو آيو ۽ وڃي وزارت تجارت (Trade Ministry) ۾ ڪلرڪي ڪيائين. 1963ع ۾ شادي ڪيائين. 1967ع کان ريڊيو دهليءَ جي نيوز سروسز ڊويزن ۾ سنڌي يونٽ جو انچارج ٿي رهيو، جتان سينيئر اسڪيل تي پهچي، 1993ع ۾ رٽائر ڪيائين.
هريڪانت جي ادبي زندگيءَ جي شروعات 1951ع ۾ ٿي، جڏهن هو نائين درجي ۾ پڙهندو هو تڏهن هڪ ڪهاڻي ’پٽيوالو‘ ۽ هڪ ڪوتا ’ڀٽڪندڙ روح‘ لکي، اجمير مان نڪرندڙ ’هندو‘ اخبار ۾ ڇپايائين. ائين ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيءَ ۽ شاعريءَ سان هڪ ئي وقت گڏ داخل ٿيو. اسڪول ڇڏڻ وقت سندس شمار اجمير جي مڃيل اديبن ۾ ٿيڻ لڳو هو. سندس تحريرون اجمير جي روزانين اخبارن: ’هند واسي‘ ۽ ’جوالا‘ سان گڏ ’ڪلاڪار‘، ’ڪماري‘ ۽ ’زندگي‘ رسالن ۾ به ڇپجڻ لڳيون هيون. جڏهن 1953ع ۾ ’هند واسي‘ بمبئيءَ مان نڪرڻ شروع ٿي ته ان ۾ به سندس ڪهاڻيون ڇپجڻ لڳيون. تڏهن هري ’غريب‘ تخلص سان لکندو هو، بعد ۾ هن پنهنجو نالو مٽائي هريڪانت رکيو. هريڪانت نالي سان سندس پهرين ڪهاڻي ’غفور‘، 1956ع ۾، سنڌ جي برک اديب محمد ابراهيم جويي، ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ شايع ڪئي. ان کان پوءِ ساڳئي رسالي ۾ سندس ’بتي اُجهامي وئي‘ (1958ع) ۽ ٻيون ڪهاڻيون پڻ ڇپيون. ڪهاڻين سان گڏ هريڪانت شاعري به ڪندو رهيو. سندس شهرت جو اهو مقام هو، جو هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نڪرندڙ ويهارو رسالن ۾ هن جون تحريرون ڇپجڻ لڳيون.
هريڪانت جي ادبي خدمت تمام گهڻي آهي. نثر توڙي نظم جي ميدان ۾ هن تمام گهڻو لکيو آهي. شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ مقالا لکي پاڻ مڃايائين.
هريڪانت جي شاعريءَ جا پنج ڪتاب: (1) پرهه کان پهرين (1961ع)، (2) اگهاڙا آواز (1981ع)، (3) لپ ڀر روشني (1987ع)، (4) سوچ جون صورتون (1990ع)، ۽ (5) اوڻويهون اڌياءُ (1995ع) ڇپيل آهن. ان کان سواءِ هنديءَ ۾ به هڪ ڊگهي ڪوتا ’ايڪ ٽڪڙا اتهاس‘ جي عنوان سان 1983ع ۾ ڇپيل اٿس. هريڪانت پهريون شاعر آهي، جنهن جي ترائيلن جو ڪتاب ’پرهه کان پهرين‘ (1961ع) سڀ کان اڳ ڇپيو. شيخ اياز ۽ هري دلگير جي ترائيلن جا ڪتاب بعد ۾ شايع ٿيا. سندس ڪتاب ’لپ ڀر روشني‘ کي ڀارت جي مرڪزي تعليم کاتي پاران 1989ع ۾ انعام مليو. ’اگهاڙا آواز‘ سندس نين ڪوتائن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سياسي سرشتي تي ڇتي تنقيد ڪئي اٿس ۽ اڳواڻن جا ڇوڏا لاٿا اٿس. سندس ڪتاب ’سوچ جون صورتون‘ کي به 1991ع ۾ مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ بهترين ڪتاب جو انعام ڏنو.
هريڪانت جي ڪهاڻين جا ٻه مجموعا: (1) ڦهلجندڙ ريگستان (1978ع) ۽ (2) زيبرا ڪراسنگ تي (1997ع) ڇپيل آهن. هريڪانت ڪافي تنقيدي مقالا به لکيا آهن ۽ هو هڪ بهترين نقاد به هو. ’گذريل ڏهاڪي جي سنڌي ڪوتا‘ (1976- 1986ع) ۽ ’سنڌي ٻولي، ساهت ۽ جيون جو سنڪٽ‘ (ناٽڪ جي حوالي سان) سندس ٻه تنقيدي مقالا اعليٰ پايي جا ڳڻيا وڃن ٿا.
هريڪانت جو سٺ واري ڏهاڪي ۾ ناٽڪ جي دنيا سان واسطو پيو. هو اڃا مئٽرڪ جو شاگرد هو ته هن پنهنجي استاد گوبندرام مٽائيءَ جي ڊرامي ’هيمون ڪالاڻيءَ‘ تي اهڙو مهاڳ لکيو، جو کيس ’هيمون ڪالاڻي‘ چوڻ لڳا. 1958ع ۾ ريڊيو تي اچڻ بعد جيون گرسهاڻيءَ جي سنگ ۾ هن ناٽڪ به لکيا. ’آخر جيت اسان جي‘ (1962ع) هن جو پهريون ناٽڪ هو. هن جي ناٽڪن جا ٻه مجموعا: (1) ’ايڪانڪي‘ (1964ع) ۽ (2) ’مڪان خالي آهي‘ (1977ع) ڇپيل آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا بهار اديب، دل جي دوري پوڻ ڪري، 8 مئي 1994ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.09.05  عيسوي

رک شاعر، ناٽڪ ڪار، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هريڪانت جو پورو نالو هري روپچند ڄيٺواڻي هو. هن جو اباڻو ڳوٺ نوشهروفيروز (اڳوڻو ضلعو نوابشاهه) هو، پر هن ناناڻي شهر جيڪب آباد جي پاڙي غريب آباد ۾، ناناڻن جي گهر ۾، 5 سيپٽمر 1935ع تي جنم ورتو


1994.05.08  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا بهار اديب، دل جي دوري پوڻ ڪري، 8 مئي 1994ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حجاب امتياز علي
ارباب علي عادل چوهاڻ
حشمت پارواڻي
احسانه ڊار
خالد آزاد
خواجه ذوالفقار
چانڊيو منير2
چنا راهي
ڊاڪٽر عبدالغفورسنڌي ميمڻ
لڇمڻ ڀنڀاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون